فتح علي جتوئي

فتح علي جتوئي : مـولانـا فتـح عـلـي جتـوئـي وڏو عـالــم ۽ پنهنجي وقت جو سرگرم سياسي ورڪر هو. سندس والد خير محمد جتوئي هو. هن 1868ع ڌاري ڳوٺ شاهه يقيق تعلقي شاهبندر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم پنهنجي ناني علامه حاجي عبدالله جتوئيءَ کان حاصل ڪيائين ۽ پوءِ مولانا عبدالرحيم ٺٽويءَ جي مدرسي ۾ پڙهيو. فارغ التحصيل ٿيڻ بعد درس ۽ تدريس جو ڪم ڪرڻ لڳو. فتويٰ نويسي ۽ قوت فيصلي جي ڪري هو لاڙپٽ ۾ گهڻو مشهور ٿيو ۽ سڄي عمر فيصلا ڪرڻ ۾ گذاريائين، کيس حج جي سعادت به نصيب ٿي، هن ’خلافت تحريڪ‘ ۽ ’ريشمي رومال تحريڪ‘ ۾ ڀرپور حصو ورتو. عالمن سان گڏ لاتعداد جلسن کي خطاب ڪيائين. مولانا صاحب ضلعي ڪراچيءَ لاءِ جميعت علماءِ جو صدر مقرر ٿيو ۽ ’ترڪ موالات‘ تحريڪ وقت اسلامي عدالت، تعلقي شاهبندر جو جج مقرر ٿيو، جنهنڪري مولانا صاحب ۽ سندس ساٿين خلاف باقاعدي خفيه فائيل رکيو ويو. مولانا صاحب 1943ع ڌاري فيصلي جي انڪار ڪندڙن لاءِ نيڪاليءَ جي فتوا جاري ڪئي. مولانا پڪو عاشق ۽ اهل سنت جو وڏو عالم هو. هن 1959ع ڌاري وفات ڪئي، کيس ديهه لکيءَ ۾ جتوئين جي ڳوٺ ڀرسان قبرستان ۾ دفنايو ويو .


لفظ فتح علي جتوئيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1868.00.00  عيسوي

مـولانـا فتـح عـلـي جتـوئـي 1868ع ڌاري ڳوٺ شاهه يقيق تعلقي شاهبندر ۾ جنم ورتو .


1959.00.00  عيسوي

مـولانـا فتـح عـلـي جتـوئـي 1959ع ڌاري وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پير جهنڊو
شنبو امير
عطاء الله خان مينگل سردار
آڏواڻي سنيل سندر سنگھه
ضياء شاهه
ديوان شيوارام ڏيون مل وزيراڻي
چنڙ بشير احمد ڊاڪٽر
پلي عزيز
جاحظ
شاهه محمد گاڏهي بلوچ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون